SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عورتا زاد ادب


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

عورتا زاد ادب

(Feminist Literature)

عورتا زاد ادب مان مراد اهو ادب آهي جيڪو عورتن يا مردن جو تخليق ڪيل هجي پر عورتن لاءِ لکيو ويو هجي ۽ ان ۾ عورتن جي سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي، نفسياتي ۽ اظهار جي ترجماني ڪيل هجي. عورت کي هڪ انسان ۽ هڪ مڪمل فرد سمجهڻ جو تاثر ملي ۽ سندس اهڙي تصوير ڪشي ڪئي وڃي. عام طور جڏهن ادب ۾ عورت جي ڪردار جي باري ۾ ڪتاب پڙهبا ته اهي عورت جا مختلف روپ ٻڌائيندا آهن، جن کي عموماً پيش ڪيو ويندو آهي Images of women in Literature جي ليکڪا ميري اين فرگوسن جا عورت جا ڇهه اهڙا روپ ٻڌايا آهن، جيڪي مذهبي ادب ۽ ڏند ڪٿائن کان وٺي هن وقت تائين تخليقي عمل ڪهاڻين، ناولن، شعرن، ۽ ڊرامن وغيره ۾ ڏنا ويا آهن: فرمانبردار زال (Submissive wife)، ماءُ (ماءُ جي روپ ۾ ڪا به عورت (The Mother)، مرد تي حاوي عورت (Dominating wife)، حسين محبوبه جيڪا اوچي آسڻ تي هجي (Women on Pedestal)، جنسي علامت يا رانديڪو (Sex Object)، ڇڙي يا اڪيلي عورت (Women without man) سنڌي سماج جا مسئلا پنهنجا آهن، ان ڪري سنڌي ادبي لکڻين ۾ عورتن جي مسئلن جي نشاندهي به مختلف آهي. هتي شهري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ترجماني وڌيڪ آهي. ان عمل سان ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جي مسئلن جي نشاندهي به مختلف آهي. سنڌ ۾ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل عورت جي مسئلن ۾ به هڪجهڙائي نه آهي. خود شهر ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ڪم نه ڪندڙ عورتن جي مسئلن به هڪجهڙائي نه آهي. ڳوٺن جا معاملات اڃا به الڳ آهن. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي سماج ۾ تعليم عام ٿيڻ لڳي ۽ عورت جي تعليم جا آهستي آهستي موقعا ملڻ لڳا. ان حساب سان سندس ادبي دنيا ۾ به شموليت وڌڻ لڳي. عورتن جي لکيل ادب ۾ عورت جي عڪاسي بهتر ٿي، اهڙو سمورو ادب جنهن ۾ عورت جي هڪ انسان ۽ فرد واري حيثيت کي اجاگر ڪيو وڃي اڃا سنڌ ۾ گهڻو تخليق نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهڙو ادب لکندڙن ۾ خيرالنساءَ جعفري، نورالهديٰ شاهه، فهميده حسين، عطيه دائود، امر سنڌوءَ وغيره شامل آهن.


Remember Me Also:

ڏڌو

ذ. صفت. ماريل ، ستايل ، ڏکويل ، آزاريل ، ڪَشٽُ ڏنل ، رنجايل ، دُکِي ، سِتم زِده ، پِيڙيل ، ڏَڌَلُ. حاسد ، ساڙي کاڌو ، اِرکائو ، رِيسارو. اڌ پَڪَلُ اَن.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal